اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نئين پاڪستان ۾ عوام ۽ هائوسنگ ۽ اڏاوتن جي شعبي سان واڳيل ڪاروباري برادري جو س??ما??و محفوظ آهي، حڪومت جا منصوبا جاري ٿيڻ کان مڪمل ٿيڻ تائين جي عمل تي گهري نظر آهي، وزيراعظم عمران خان جيڪي سڌارا متعارف ??رايا آهن انهن ذريعي عوام کي يقين ڏياريو ويو آهي ته توهان جي هڪ هڪ پئسي جا امين آهيون، دوکيبازي، هيراڦيري ۽ ناانصافي کي روڪڻ، قانون کي م??بوط ڪرڻ جي لاءِ ڊيجيٽل نظام متعارف ??رايو ويو آهي، راڻا ثناءُ الله جون رڙيون ماڻهن ٻڌي ورتيون آهن. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ پراپرٽي ايڪسپو 2020ع جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.