اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جن??ل انتونيو گوتريس پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن کي ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، گڏيل قومون ٻنهي ملڪن ۾ امن جي بحالي لاءِ ڪ??دا?? ادا ڪري سگهي ٿو، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ مسئلن جو واحد حل ڳالهيون آهن، افغانستان ۾ امن جي بحالي ۾ پاڪستان جو اهم ڪ??دا?? آهي، پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ ۾ پاڪستان جي عزم کي ساراهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.