اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سمورين صوبائي حڪومتن جي مرضي کانپوءِ ئي لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اسان پنهنجي ذميوارين کان پوري طرح آگاهه آهيون، جيڪڏهن لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ جو فيصلو نه ڪريون هاته 71 ملين وڌيڪ ماڻهو غر??ت جي لڪير کان هيٺ هليا وڃن ها، ڪورونا جي و??ا اسان کان گهُر ڪري ٿي ت?? اسان ڪنهن جي پڳڙي نه اڇاليون ۽ رڳو پاڪستان ڪارڊ کيڏون ڇو ته هن صورتحال ۾ صوبائي ڪارڊز کيڏڻ جي ڪا گنجائش نه آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڪورون?? وبا جي حوالي سان پاليسي بيان ۾ پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جي سياسي قيادت متفقه فيصلو ڪيو آهي ته پ??رل??امينٽ کي اڳتي وڌندي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پ??رل??امينٽ جي اهميت کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي، حڪومت ان جو احترام ڪندي اجلاس هڪ نقاطي ايجنڊا تي طلب ڪيو ته جيئن ميمبر پنهنجي راءِ ڏئي سگهن.