اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته خواجه آصف جي تقرير ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪر?? خطي ۽ عالمي سطح تي درپيش حالتن کان مڪمل لاعلمي جو ثبوت آهي، سن??س بيان تضادن۔سان ڀرپور ۽ حقيقتن کي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش آهي، ??خالف ڌر پنهنجي سياست جي لاءِ عوام جي زندگين سان نه کيڏي، سياسي جادوگر پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪري عوام کي گمراهه نٿا ڪري سگهن، ماضي جي حڪومتن ملڪ جي ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته عمران خان ملڪ جو رخ درست ڪري خوشحالي ۽ ترقي جي راهه تي آندو آهي، ??اڪستان جي عوام باشعور آهي، ??لڪي مفادن تي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏيندڙ عوام کي وڌيڪ بيوقوف نٿا بڻائي سگهن، ماضي جي حڪومتن ذاتي مفادن ۽ فائدن جي لاءِ ادارن کي مفلوج ڪيو، پنهنجي منشور تحت اسان ادارن ۾ سڌارا آڻي سروس ڊليوري بهتر بڻائي رهيا آهيون.