اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته پهرين والاريل ڪشمير تي غير قانوني قبضو ڪرڻ جي ڀارتي ڪوشش ۽ هاڻي 25 هزار هندستاني شهرين کي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ سميت والاريل وادي ۾ آبادي جو تناسب بدلائڻ جا سمورا ڀارتي حربا سراسر غير قانوني ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينش?? سميت عالمي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي منافي آه??. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مون ان معاملي تي گڏيل قومن ج?? جنرل سيڪريٽري سان رابط?? ڪيو آه?? ۽ آئون ٻين عالمي اڳو??ڻن سان به ڳالهائي رهيو آه??ان. ان ناقابل قبول رخ ۾ ڀارت جي اڳڀرائي روڪڻ ضروري آه??، ان سان ڪشمير واسين جي قانوني ۽ عالمي طور تي ضمانت ٿيل حقن تي وڌيڪ راتاهو لڳندو. ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي کي وڌيڪ نقصان پهچي سگهي ٿو.