اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شي?? تي حملي جي مذمت ??ندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت مسلسل حليم عادل شي?? کي نشانو بڻائي رهي آهي، پيپلزپارٽي ان کان ڊنل آهي ته هو سدائين انهن جي ڪرپشن کي ب?? نقاب ڪند?? رهندو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته سنڌ پوليس ۽ انتظاميا کي گهرجي ته اهي فوري طور تي ان معاملي جو نوٽيس وٺن، ذميوارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته ذميوارن کي ڍر ڏيڻ جو مطلب واضح آهي ته اهي توهان جا تربيت يافته ماڻهو آهن.