اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ تيل جون قيمتون هاڻي به خطي ۾ سڀ کان گهٽ آهن، 75 سيڪڙو آبادي جي آمدني ۾ چڱو چوکو ا??اف?? ٿيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ تيل جون قيمتون هاڻي به خطي ۾ سڀني کان گهٽ آهن، يا ته ٽن سالن ۾ تيل جا کو??ه نڪري اچن ها ٻي صورت ۾ ظاهر آهي ته جڏهن تيل ٻاهران خريد ڪرڻو آهي ته قيمتون وڌنديون، اهو ئي اصول باقي آمدني واپار لاءِ آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته اصل ڪاميابي اها آهي ته 75 سيڪڙو آبادي جي آمدني ۾ به خاطر خواه ا??اف?? ٿيو آهي، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي خريداري جي قوت هندستان کان بهتر آه??، پگهاردار طبقي جون مشڪلاتون پنهنجي جاءِ تي پر 60 سيڪڙو آبادي زراعت سان لاڳاپيل آهي، جنهن کي 11 سئو ارب روپيا ا??اف?? آمدني ٿي، هن چيو ته تعميرات ۽ انڊسٽريز سان لاڳاپيل ڪروڙين ماڻهن جي آمدني ۾ به ا??اف?? ٿيو. مستري ۽ مزدور جي ڏيهاڙي ٽيڻ تي وڌي.