لاهور – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري مملڪتي وزير ??رخ حبيب مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز کي چئلينج ڪيو آهي ته اها پنهنجي احتساب عدالت جي فيصلي ??ي خلاف روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي جي لاءِ درخواست ڏي، ٽال مٽول کان ڪم نه وٺي. لاهور ۾ پاڪستان تحريڪ ا??صا?? وڪلا ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير ??رخ حبيب حيرت جو اظهار ڪيو ته پهريون جوابدار ڏٺو آهي جيڪو هڪ طرف ته عدالتي فيصلي کي غلط قرار ڏئي رهيو آهي ۽ ٻئي طرف هر پيشي تي پنهنجو وڪيل تبديل ڪريو ڇڏي. هن چيو ته تنقيد ڪندڙن کان پڇان ٿو اڄ کان اڳ ڪنهن احتساب جي ڳالهه ڪئي. جن ماڻهن سپريم ڪورٽ تي حملا ڪيا هجن ۽ ٽيليفون تي فيصلا لکرائيندا رهيا هجن اهي اڄ اهو چئي رهيا آهن ته اهو انتقام آهي احتساب نه. ??رخ حبيب چيو ته پهريون ڀيرو ڏٺو جوابدار عدالتن کان تاريخون وٺي رهيا آهن. پاڪستان جي ادارن ۽ انهن جي سربراهن ??ي خلاف لفظ بازي ڪئي وڃي ٿي. شريف خاندان جي ٻارن جون ٻاهر اربين رپين جون ملڪيتون آهن. انهن وٽ اهڙو ڪهڙو اله دين جو چراغ آهي جو 18 سالا ٻار به ارب پتي بڻجي ويو. هن جو چوڻ هو ته هن ملڪ جي اندر طاقتور کي پهريون ڀيرو خبر پئي ته اهي قانون جي تابع آهن، وڏن وڏن چورن ۽ ڌاڙيلن کي جيلن ۾ وڃڻو پيو. اطلاعات ۽ نشري??ت واري مملڪتي وزير چيو ته شهباز شريف هڪ رپئي جي نه اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي. شريف خاندان جو سڄو ڪاروبار جيئڻ مرڻ سڀ ڪجهه ٻاهر آهي. هتي بس نواز شريف جو معالج ڊاڪٽر عدنان واپس اچي ويو ۽ نواز شريف واپس نه آيو. ??رخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جي سڄي جدوجهد پاڪستان جي بقاءَ ۽ ڪرپشن ??ي خلاف آهي. تحريڪ ا??صا?? جو بنياد ئي ا??صا?? ۽ انسانيت تي آهي. وزيراعظم عمران خان سدائين ا??صا?? ۽ رول آف لا جي ڳالهه ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته هن ملڪ ۾ قانون ۽ ا??صا?? جو مان مٿانهون ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان جي سياسي جدوجهد جي شروع??ت وڪيل تحريڪ دوران ٿي هئي. وڪيلن جو ا??صا?? جي معاملي ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته جتي طاقت هوندي آهي اتي احتساب به هوندو آهي. اطلاعات ۽ نشريات اوري مملڪتي وزير چيو ته اسان جي حڪومت قانونسازي تي ڪم ڪري رهي آهي ماڻهن کي سستو ۽ فوري ا??صا?? ڏيڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم عمران خان جو ويزن ڪليئر آهي. وزيراعظم عمران خان حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو. ??رخ حبيب چيو ته پاڪستان ۾ طاقتور جو پهريون ڀيرو احتساب ٿي رهيو آهي. قانون واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم خطاب ڪندي چيو ته قانونسازي ڪئي وئي آهي. عملدرآمد وڪيلن جو ڪم آهي. قانون واري وزير جي حيثيت سان ميرٽ کان هٽي ڪري ڪجهه ناهي ڪيو. فروغ نسيم چيو ته ماڻهن ڌڪا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر وزيراعظم عمران خان جي ڪري اڄ به قانون وارو وزير آهيان. انون واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ٿوري عرصي ۾ سوا لک کان ڏيڍ ڪيس اڪلايا ويا. هن چيوت ه وڪيلن ۽ ججن کانسواءِ قانونن تي عملدرآمد ممڪن نه آهي. سستي ۽ فوري ا??صا?? کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ وڪيلن کي اڻٿڪ محنت ڪرڻي پوندي ۽ محنت کانسواءِ ڪو شارٽ ڪٽ نه آهي. قانون واري وفاقي وزير چيو ته اسان جي ويڙهه ڪوڙ ۽ بدنيتي سان آهي. قائداعظم محمد علي جناح پڻ اڻٿڪ محنت جو درس ڏنو آهي. قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم چيو ته آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ ا??صا?? سان ئي ملڪ کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم ??ي خاص معاون شهزاد اڪبر چيو ته اسان وڪيلن کانسواءِ اڳتي نه ٿا وڌي سگهون. وزيراعظم عمران خان سان منهنجو تعلق سندس ا??صا?? حاصل ڪرڻ جي مشن جي ڪري آهي. وڏي وڏي مافيا ا??صا?? حاصل ڪرڻ جي مشن ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيا آهن. ا??صا?? جي نظام جي درستگي وقت جي اهم ضرورت آهي. فوري سستي ا??صا?? جي فراهمي جي مشن کي اڳتي وڌائڻ ۾ وڪيل ڪردار ادا ڪن.