اشڪ آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اشڪ آباد ۾ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفي تعاون، واپار ?? معاشي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ سياسي رابطا وڌي?? وڌائڻ جي ضرورت آهي. ٻنهي صدرن علائقائي ?? عالمي فورمن تي تعاون وڌائڻ، ٻطرفا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.