اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) بين المذاهب هم آ??نگي بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ۽ پاڪستان علماء ڪائونسل جي چيئرمين حافظ محمد طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن قوم کي گڏ ڪري اڳتي وڌڻ جو ڏينهن آ??ي، موجوده حڪومت جي ??ؤر ۾ اقليتن کي حق مليا آهن، جهڙيءَ ريت قوم اي پي ايس سانحي تي متحد ٿي هئي اهڙيءَ طرح سيالڪوٽ واقعي تي قومي اتحاد جو مظاهرو ڪيو ويو. مسيحي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته آئين پاڪستان تحت زندگي گذاريندڙن کي ڪا پريشاني نا??ي، اڄ جو ڏينهن قوم کي گڏ ڪري اڳتي وڌڻ جو ڏينهن آهي. هن چيو ته موجوده حڪومتي ??ؤر ۾ اقليتن کي حق مليا آهن. سيالڪوٽ ۾ هڪ چرچ ?? بين المذاهب هم آ??نگي تقريب جو بندوبست ڪيو پيو وڃي، ان ۾ مان پاڻ شرڪت ڪندس. هن چيو ته قومي مسئلن ۽ دهشتگرديءَ جو حل قومي ايڪشن پلان ۾ آ??ي، نيشنل ايڪشن پلان تي نظرثاني ٿي رهي آهي. گذريل حڪومتن ۾ نيشنل ايڪشن پلان صر?? مسجدن جا لائوڊ اسپيڪر لائڻ تي محدود هو، وزيراعظم عمران خان ان حوالي سان هڪ ميٽنگ ڪري چڪو آهي. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن اي پي ايس سانحو ٿيو هو، ان عزم سان آغاز ڪري رهيا آهيون ته پاڪستان سڀني جو آ??ي، اسان پاڪستان جي بچاءَ ۽ ترقي لاءِ ملي ڪري ڪم ڪنداسين، جهڙيءَ طرح قوم اي پي ايس سانحي تي متحد ٿي اهڙيءَ طرح ئي سيالڪوٽ واقعي تي قومي اتحاد جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته اسان وٽ توهين مذهب جو 137 شڪايتون آيون، جيڪڏهن ڪو توهين ڪري ٿو ته ان جي شڪايت کڻي عدالت ۾ يا پوليس وٽ وڃو، ان حوالي سان قانون موجود آ??ي، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه آهي.