چنيوٽ – 09 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم نواز جي ميڊيا پرسنز جي حوالي سان نئين آڊيو ليڪ سان (ن) ليگ جي آمراڻي ذهنيت کلي سامهون اچي وئي آهي، اه?? چاهين ٿا ته ميڊيا ۽ ادارن ۾ انهن جا ئي نمائندا هجن، اسان جو سڄو پئسو ۽ رڪارڊ صاف ۽ شفاف آ??ي، اسان جي پارٽي جا بئنڪ اڪائونٽس آهن، پيپلزپارٽي جا ته کوهه کاتا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن چنيوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. فرخ حبيب چيو ته اسان جو سڄو پئسو ۽ رڪارڊ صاف ۽ شفاف آ??ي، وزيراعظم عمران خان اه?? واحد حڪمران آهي جيڪو هڪ هڪ پئسي جو حساب ڏئي آيو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي اسان 60 کان وڌيڪ ثبوت فراهم ڪيا ۽ پي ٽي آءِ پن??نجي سمورن اڪائونٽس جو مڪمل رڪارڊ فراهم ڪيو ۽ سرخرو ٿي نڪتا آهيون جيڪو تاريخ جو حصو آهي. فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي پاپڙا واري ۽ فالودي وارن جي اڪائونٽس جو هڪ ڊگهو داستان آهي. هن چيو ته شريف خاندان جو اه?? الميو رهيو آهي ته اه?? ادارن تي پن??نجو ڌوئنس ويهاريندا رهيا، شريف خاندان کي عدليه ۾ به پن??نجا ئي ججز گهرجن، ميڊيا پرسنز جي حوالي سا?? مريم صفدر جي نئين آڊيو سان انهن جي آمراڻي ذهنيت کلي سامهون اچي وئي آهي.