اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي اربن ڊولپمينٽ ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبو ملڪ جي لاءِ اهم آهن، منصوبن جا هدف مقرر ڪيل مدي ۾ پورا ??ه ڪندڙ اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، پنجاب حڪومت انهن منصوبن جي خلاف التوا واري ڪيسن جي موثر ??ير??ي ڪري، وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ راوي اربن ڊولپمينٽ ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبي تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزي اجلاس ٿيو ان موقعي تي و??يراعظم چيو ته راوي اربن ڊولپمينٽ ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبا ملڪ جي لاءِ اهم آهن، حڪومت ڪنهن ذاتي مفاد لاءِ نه پر عوامي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، وزيراعظم چيو ته اهو منصوب?? لاهور ۾ تنگي ۽ آلودگي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي، منصوبن جا هدف مقرر وقت ۾ پورا ??ه ڪندڙ اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت تعميرات جا تاريخ ساز منصوبا شروع ڪيا، جنهن جي طرف گذريل 20 سالن ۾ ڪنهن به حڪومت ڌيان نه ڏنو، پارڪس، ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ، صاف توانائي ۽ عالمي معيار انهن منصوبن کي ماحول دوست ٺ??هيندو، وزيراعظم هدايت ڪئي ته پنجاب حڪومت انهن منصوبن جي خلاف التوا واري ڪيسن جي موثر ??ير??ي ڪري.