اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ڪيچ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي ??ي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي ا??لڪ??رن جي بلند درجن ۽ وا??ثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي آهي. هن چيو ته ملڪ لاءِ جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، هن چيو ته شرپسند عنصر پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جا مخالف آهن، ملڪ جي دفاع ۽ امن ۽ امان جي قيام لاءِ ڌرتي جي بهادر سپوٽن جون قربانيون سدائين ياد رکيون وينديون. هن چيو ته ملڪ دشمن عنصر پنهنجي مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين. ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي، سينيٽ ?? قائدايوان سينيٽر شهزاد وسيم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني به سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگرد حملي جي مذمت ۽ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي ا??لڪ??رن جي بلند درجن جي دعا ڪئي.