لاهور – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ صنعتي ترقي سان اڳتي وڌي ٿو، حڪومت صنعتن جي لاءِ مراعتون ڏئي رهي آهي، ماضي ۾ روانگي واپار جي فروغ تي ڌيان نه ڏنو ويو، اسان جو ڌيان ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن تي آهي، ايس ايم ايز جي لاءِ مراعتون ڏئي رهيا آهيون، سمنڊ پار پاڪستانين کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن انڊسٽريل پئڪيج جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪوم?? جي ڪارڪردگي جو لاڳيتو جائزو وٺندو رهندو آهيان، ڪاروباري طبقي جي لاءِ پئڪيج جو اعلان تمام اڳ ۾ ٿيڻ گهرجي ??ا. ??ن چيو ته صنعتي ترقي جي بنياد تي ملڪ اڳتي وڌندا آهن. ماضي ۾ پاڪستان وڏي تيزي سان ترقي ڪري رهيو هو. 70ع جي ڏهاڪي ۾ ٿيندڙ نيشنلائيزيشن سان نقص??ن ٿيو، سوشلسٽ مائنڊ سيٽ موجب صنعتن کي منافعو ڪمائڻ جي اجازت نه هجي ته ترقي ڪيئن ٿي سگهي ٿي. دول?? جي پيد??وا?? سان ئي ملڪ ترقي ڪندو آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومتون مل?? جي معيشت صحيح ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون. پرڪشش مراعتن جي بنياد تي سيڙپڪاري راغب ٿئي ٿي. حڪومت ۾ ايندي ئي اسان جي پهرين ترجيح ملڪ ۾ صنعتي شعبي جو فروغ هو. هن چيو ته ايمنسٽي جي عمل سان صنعتي شعبي کي سڌوسنئون فائدو پهچڻ گهرجي. وزيراعظم روانگي واپار جي فروغ لاءِ حڪوم?? جي پاليسين کي اجاگر ڪندي چيو ته ماضي ۾ روانگي واپار جي فروغ تي ڌيان نه ڏنو ويو. اسان جو ڌيان ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي لاءِ ??سا??يون پيدا ڪرڻ تي آهي. اسان ان حوالي سان پاليسيون کڻي آياسين ۽ ان شعبي کي مراعتون ڏئي رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته ڪاروبار جي لاءِ ??سا??يون پيدا ڪندڙ ملڪن جي درجابندي ۾ پاڪستان جي پوزيشن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو اثاثو آهن. انهن جي لاءِ وڌيڪ ??سا??يون پيدا ڪنداسين ۽ مراعتون ڏينداسين. حڪومتي پاليسين جي ڪري اڄ مٽاسٽا جو ناڻو رڪارڊ سطح تي آهي.