اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگ??يب چيو ??هي ته عدالتي حڪمن جون ڌڄيون اڏائيندڙ چون ٿا ته رات جو عدالتون ڇو کليون؟ جڏهن آئين شڪني ٿيندي ته عدالتون ته کلنديون. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان فسطائيت ۽ آئين شڪني ڇڏي، پارليامين?? کي اغوا ڪندڙ نه بڻجي، اڳ ۾ آئين، جمهوريت ۽ پارليامين?? کي يرغمال بڻائي ٿو ۽ پوءِ چوي ٿو ??ه عدالتون ڇو ٿيون کلن؟ هن چيو ته آئين شڪني تي عدالتون کلن ته عمران صاحب سازش جا ڪوڙ ڳا??هائڻ لڳي ٿو، آئين شڪن ٽولي کي آرٽيڪل 6 تحت سزا ملڻ گهرجي. هن چيو ته ڀلي پوري پي ٽي آءِ بيمار پئجي وڃي حمزه شهباز حلف ضرور کڻندو.