اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي وزير جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو، حلف ??رد??ري جي ايوان صدر ۾ منعقد ٿي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي کائنس هڪ سادي ۽ پُروقار تقريب ۾ حلف ورتو. حلف ??رد??ري جي تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، قوم?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر راجا پرويز اشرف، اڳوڻي صدر آصف عل?? زرداري، وفاقي ڪابينا جي م??مبرن، پارليامينٽ جي م??مبرن، سول ۽ فوجي عملدارن، پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن سميت حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽين جي اڳواڻن، سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ڪابينا ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي وفاقي وزير جي حيثيت سان شامل ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ ڪابينا جي جوڙجڪ جي پهرين مرحلي ۾ 19 اپريل تي 30 وفاقي وزيرن ۽ 3 مملڪتي وزيرن حلف کنيو هو، ٻي مرحلي ۾ 22 اپريل تي وفاقي ڪابينا ۾ واڌ ڪئي وئي هئي ۽ ڪابينا ۾ ٽي وفاقي وزير ۽ هڪ مملڪتي وزير کي شامل ڪيو ويو هو، ڪابينا ۾ پهرين ئي ٽن صلاحڪارن کي به شامل ڪيو ويو آهي.