اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير مريم اورنگزيب اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي س??ت مذمت ڪندي چيو آهي ته شرپسند عنصر امن امان جي صو??تح??ل خراب ڪرڻ چاهين ٿا، اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي بحالي لاءِ سيڪيورٽي اهلڪارن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. اطلاعات واري وفاق?? وزير ڌماڪي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ ٻارن جي شهادت تي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.