گلگت/اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هاءِ اسڪول نمبر 1 گلگت ۾ ٻارن کي ٽيڪنالاجي سان متعارف ڪرائڻ جي سلسلي ۾ لڳايل ڪيمپ جو دورو ڪيو، صدر اسڪول جي شا??ردن ۽ شا??ردياڻين کي جديد ٽيڪنالاجي جهڙوڪ ڪمپيوٽر پروگرامنگ، ويب ڊولپمينٽ جي تربيت ڏيڻ جي قدمن جي واکاڻ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب گلگت ۾ ڪيمپ جي دوري دوران صدر کي ٽيڪنالاجي ڪيمپ ۾ فراهم ڪيل سهولتن جي باري ۾ ٻڌ??يو ويو، شروعاتي طو?? تي 30 سرڪاري اسڪولن جي 1500 شا??ردن ۽ شا??ردياڻين کي بنيادي ٽيڪنالاجي ۾ تربيت ڏني ويندي، ايندڙ مرحلي ۾ ان اهم پروگرام کي 130 سرڪاري اسڪولن تائين سگهه ڏني ويندي، صدر ان??ارميشن ٽيڪنالاجي جي مهارت حاصل ڪندڙ شا??ردن جي حوصلا افزائي ڪئي، هن ??لگت ۾ ٽيڪنالاجي بوٽ ڪيمپ جو باقاعده افتتاح به ڪيو.