اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڪو?? ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي سميت پاڪ فوج جي 6 آفيسرن ۽ جوا??ن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سڄي قوم پنهنجي شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ليفٽيننٽ جنرل سرفراز، ڊي جي ??اڪستان ڪوسٽ گارڊ ميجر جنرل امجد حنيف، ڪمانڊر انجنيئر 12 ڪور برگيڊيئر خالد، پائليٽ ميجر سعيد، ڪو پائليٽ ميجر طلحيٰ ۽ ڪريو چيف نائيڪ مدثر شهيد کي سڄي قوم سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته وطن جا اهي فرزند قوم جو فخر آهن، جن پنهنجون جانيون ٻوڏ ۾ گهيريل پنهنجي ??م وط??ن جون جانيون بچائڻ جي ??اءِ قربان ڪري ڇڏيون. وزيراعظم چيو ته ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي ۽ سندس ساٿي انسانيت جي خدمت ۽ فرض جي ادائيگي جو روشن مثال بڻيا آهن. ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي هڪ بهترين پروفيشنل فرض شناس ۽ قابل آفيسر هجڻ سان گڏوگڏ انتهائي ايماندار ۽ سٺو انسان هو. هن چيو ته سڄي قوم ان حادثي تي انتهائي ڏکويل آهي. اسان شهيدن جي گهروارن سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت ڪريون ٿا. سڄي قوم شهيدن جي گهروارن جي ڏک ۾ شريڪ آهي. الله تعاليٰ شهيدن جا د??جا بلند فرمائي ۽ گهروارن کي صبر ۽ اجر عظيم عطا فرمائي.