سرينگر – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق جي سرينگر ۾ گهر ۾ مسلس?? غيرقانوني نظربندي کي ٽي سال مڪمل ٿي ويا آهن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض فوجي ڀارتي انتظاميا مير واعظ کي نريندر مودي جي فس??ائي ڀارتي حڪومت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشم??ر جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ 4 آگسٽ 2019ع تي گهر ۾ نظربند ڪري ڇڏيو هو. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس سرينگر پاران جاري هڪ بيان ۾ مير واعظ عمر فاروق کي زبردستي نظربند ڪرڻ جي غيرقانوني ۽ جابراڻي قدمن جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن سان ان جي سڀني بنيادي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي ٿي آهي. بيان ۾ چيو ويو آه?? ته ائين لڳي ٿو ته ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ کي ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ان??ن جي پرامن ڪوششن جي سزا ڏني پئي وڃي ۽ سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. بيان ۾ ڀارتي حڪومت کي اپيل ڪئي وئي آه?? ته اها سڀني ڪشميري سياسي نظربندن کي آزاد ۽ ڪشم??ر جي تڪرار کي پرامن طريقي سان حل ڪري.