اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار احمد چيو آهي ته وزير??عظ?? محمد شه??از شريف نيويارڪ جي تازي دوري دوران پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي طرف عالمي اڳواڻن جو ڌيان ??ڪرايو، هن مختلف ملڪن جي سربراهن سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ موسمياتي تبديلي کي روڪڻ ۽ اسرندڙ ملڪن کي موسمياتي اثرن سان ٿيندڙ تلافي جي لاءِ عالمي قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. پريس بريفنگ ۾ ترجمان ??يو ته فرانس جي صدر، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، عالمي بئنڪ جي صدر ۽ ڪجهه ٻين اهم اڳواڻن بشمول آمري??ا جي موسمياتي تبديلي واري خصوصي ايلچي جان ??يري پاڪستان ۾ عالمي حمايت کي متحرڪ ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??يو ته هڪ عالمي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي تي ڌيان ??نو ويندو ۽ ان ??ان اڳ نقصانن ۽ ضرورتن جو جائزو وٺي هڪ ٺوس منصوبو تيار ٿي ويندو. هن چيو ته وزير??عظ?? جنرل اسيمبلي کي خطاب ۽ عالمي اڳواڻن سان ??الهه ٻولهه ۾ پاڪستان ۽ عالمي برادري جي لاءِ ڳڻتي جي ڪيترن ئي ٻين مسئلن تي پڻ پاڪستان جي موقف جو خاڪو پيش ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??يو ته وزير??عظ?? ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي سنگين صورتحال طرف ڌيان ??ڪرائيندي چيو ته اهو تڪرار پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو بنيادي سبب آهي. هن چيو ته ڀارت کي ڳالهه ٻولهه کي ٻيهر شروع ڪرڻ ۽ ڇڪتاڻ ؛ي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ 5 آگسٽ 2019ع تي کنيل پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدم کي واپس وٺڻ گهرجي. ترجمان ??يو ته وزير??عظ?? ڀارت کي امن جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن کي غربت، بيماري ۽ بک جي خاتمي تي ڌيان ??يڻ جي ضرورت آهي. ترجمان ??يو ته پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري سالياني رابطا اجلاس سان ??ڏوگڏ جي – 77 ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن واري سالياني اجلاس جي پڻ صدارت ڪئي. هن چيو ته پرڏيهي وزير پنهنجي ڪيترن هم منصبن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪيون ۽ ميڊيا کانسواءِ ٿنڪ ٽينڪ سان ??الهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان ??ڏ واشنگٽن ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سان هڪ انتهائي لاڀائتي ملاقات ڪئي جنهن ۾ آمريڪا پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ اضافي 10 ملين ڊالر جو اعلان ??يو جنهن سان آمري??ا جي مجموعي امداد 66.1 ملين ڊالر تائين پهچي وئي آهي. ترجمان ??يو ته وزير??عظ?? هلندڙ مهيني جي وچ ڌاري ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهي اجلاس ۾ موسمياتي تبديلين جي تباهين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ترجمان ??يو ته اها ڳالهه انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي ته ڀارتي قابض فوج گذريل هڪ هفتي دوران والاريل ڪشمير جي علائقن ڪولگام ۽ ڪپواڙه ۾ وڌيڪ 5 ڪشميري نوجوانن کي عدالت کان مٿانهين قتل ۽ جعلي مقابلن ۾ شهيد ڪري ڇڏيو آهي، عالمي برادري ان صورتحال جو نوٽيس وٺي، هن حريت اڳواڻن سميت ڪشميري سياسي قيدين جي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو. ترجمان ??يو ته اسان والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدمن ۽ بنا جواز معاشي حملي جي پڻ مذمت ڪريون ٿا جنهن جو اظهار ڀارتي قابض فوج پاران واديءَ ڪشمير مان تازن گلن سان ??ريل ٽرڪن کي روڪڻ مان ظاهر ٿئي ٿو. هن چيو ته اها ڪشميري گلن جي واپارين جي اڻ اعلانيل اقتصادي ناڪابندي آهي جنهن جو مقصد والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معيشت کي تباهه ڪرڻ ۽ ڪشميرين کي خودمختياري جي حق جي جدوجهد جي سزا ڏيڻ آهي.