ڪراچي-05 آڪٽوبر (اي پي پي) صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي ??مدادي سرگرميون جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 38250 خ??ند??نن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا آهن. مجموعي طور تي 1322603 خ??ند??نن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا آهن. پنهنجي ??اري هڪ پريس بيان ۾ هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن جي ??پورٽ مطابق متا??رن ۾ وڌيڪ 13010 خيما، 35640 ??رپال، 36000 مڇردانيون، 2400 ڍورن جون مڇردانيون، 24000 سولر لائٽس ۽ 3000 جيري ڪينس ورهايا ويا آهن. ھیئنر تائين متا??رن کي 462808 خيما، 488778 پلاسٽڪ ترپال، 2898008 مڇردانيون، 791178 ليٽر منرل واٽر، 65837 جيري ڪينس، 26916 مال جون مڇردانيون، 87833 تيار ٿيل کاڌي جون ديڳيون ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٻوڏ ۽ برسات جي ??بب 760 جانين جو نقصان ٿيو آهي، ۽ 8422 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. تازي برساتن سبب 435782 جانور مري چڪا آهن. هن چيو ته مجموعي طور تي 2318365 خ??ند??ن متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته 7383023 ماڻهو بي گهر ٿيا آهي. صوبائي وزير چيو ته ريليف ڪيمپن مان وڌيڪ 1800 ماڻهو پنهنجي گهرن ڏانهن روانو ٿي ويا آهن. هن وقت ريليف ڪيمپن ۾ 352718 متاثر ترسيل آهن. جن کي ٻن وقتن جو تيار ٿيل کاڌو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. شرجيل انعام ميمڻ سنڌ جي ??يراجن تي پاڻي جي ??ورتحال بابت ٻڌايو ته گڊو بيراج تي پاڻي جي ??مد 59900 ڪيوسڪ ۽ اخراج 48600 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح سکر بيراج تي پاڻي جي ??مد 46400 ڪيوسڪ ۽ اخراج 35600 ڪيوسڪ آهي.، جڏهن ته ڪوٽري بيراج تي پاڻي جي ??مد 102500 ڪيوسڪ ۽ اخراج 72700 ڪيوسڪ آهي.