اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ ٽن سالن ۾ آءِ ٽي روانگي واپار 15 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ عملي قدم ترجيحي بني??دن تي ک??يا وڃن، آءِ ٽي نصاب کي انڊسٽري جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪيو وڃي، آءِ ٽي انڊسٽري پنهنجي برآمدي آمدني پاڪستان آڻي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي فروغ جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس ٿيو. وزي??اع??م حڪومت ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جي وچ ۾ هم آهنگي جي فروغ ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ اسٽينڊنگ ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. وزي??اع??م آءِ ٽي انڊسٽري جي مسئلن جي فوري حل جي خاطري ڪرائيندي لاڳاپيل عملدارن کي ان حوالي سان موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزي??اع??م آءِ ٽي انڊسٽري کي پنهنجي برآمدي آمدني پاڪستان آڻڻ جي ترغيب ڏيندي چيو ته پاڪستان وٽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي جنهن جو ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. وزي??اع??م چيو ته آءِ ٽي روانگي واپار کي ايندڙ ٽن سالن ۾ 2.6 بلين آمريڪي ڊالر مان 15 بلين آمريڪي ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ عملي قدم ترجيحي بني??دن تي ک??يا وڃن، آءِ ٽي نصاب کي آءِ ٽي انڊسٽري جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪيو وڃي. آءِ ٽي انڊسٽري جي نمائندن خاطري ڪرائي ته آءِ ٽي انڊسٽري ملڪ جي معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. وزي??اع??م محمد شهباز شريف آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ جي حوالي سان هڪ جائزه اجلاس ۾ حڪومت ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جي وچ ۾ هم آهنگي جي فروغ ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ اسٽينڊنگ ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي جنهن ۾ آءِ ٽي انڊسٽري جي نمائندن، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزارت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا نمائندا شامل هوندا. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزي??اع??م چيو ته پاڪستان وٽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي جنهن جو ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان انٽر پرينيورز آءِ ٽي سيڪٽر جي فروغ ۽ ترقي ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آءِ ٽي سيڪٽرز جو روانگي واپار پاڪستان ۾ آءِ ٽي سيڪٽر جي ٽيلنٽ ۽ صلاحيت جي ڀيٽ ۾ ڪافي گهٽ آهي. وزي??اع??م هدايت ڪئي ته آءِ ٽي روانگي واپار کي ايندڙ ٽن سالن ۾ 2.6 بلين آمريڪي ڊالر مان 15 بلين آمريڪي ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ عملي قدم ترجيحي بني??دن تي ک??يا وڃن. وزي??اع??م چيو ته اهڙا ايڪسپورٽرز جن آءِ ٽي ايڪسپورٽس ۾ خاطرخواهه اضافي جي لاءِ ڪردار ادا ڪيو، انهن کي حڪومتي سطح تي ساراهيو ويندو. آءِ ٽي انڊسٽري جي نمائندن اجلاس کي پنهنجي آپريشنل مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ انهن مسئلن جي حل جي حوالي سان پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. وزي??اع??م آءِ ٽي انڊسٽري کي پنهنجي برآمدي آمدني پاڪستان آڻڻ جي ترغيب ڏيندي آءِ ٽي انڊسٽري جي مسئلن جي فوري حل جي خاطري ڪرائي ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي ان حوالي سان موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. آءِ ٽي انڊسٽري جي نمائندن خاطري ڪرائي ته آءِ ٽي انڊسٽري ملڪ جي معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. وزي??اع??م هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ آءِ ٽي پروفيشنلز جو انگ 6 لک مان وڌائي 15 لک ڪرڻ جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن، يونيورسٽيون ۽ تربيتي ادارا ترجيحي بني??دن تي ڪم ڪن. وزي??اع??م آءِ ٽي نصاب کي آءِ ٽي انڊسٽري جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير امين الحق، وزي??اع??م جي صلاحڪار احد چيما، وزي??اع??م جي خاص معاونين طارق باجوه، جهانزيب خان، سيد فهد حسين، شيزه فاطمه، اعليٰ سرڪاري آفيسرن پاڪستان جي آءِ ٽي انڊسٽري جي نمائندن شرڪت ڪئي.