اسلام آباد-26 جنوري (اي پي پي)وزير اعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت صلاحڪار قمر الزمان قائره چيو آهي ته ڀا??ت جي هٿ ٺڪي يوم جمهوريه کي مظلوم ڪشميري عوام ڪاري ڏينهن طور ملهائي رهيو آهي، ڪشمير تي ناجائز قبضن باوجود پاڻ کي جمهوري ملڪ سڏائڻ ڀارت لاءِ شرم جوڳو آهي، ڀارت يوم جمهوريه جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ قمر زمان قائره چيو آهي ته هڪ پاسي ڀارت يوم جمهوريه ملهائي رهيو آهي ته ٻئي پاسي ڪشميري عوام کي بنيادي حقن کان محروم رکيو آهي?? هن چيو ته ڀارت سڄي دنيا اڳيان هڪ هندو ??اشٽ ملڪ طور بي نق??ب ٿي چڪو آهي ، پرڏيهي وزير بلا ول ڀٽو زرداري مودي جي هندو انتها پسند حڪومت کي سڄي دنيا اڳيان بي نق??ب ڪيو آهي، ڀارت ۾ هندو انتها پ??ند?? ۽ اقليتن تي ظلم آخري حد تي پهچي چڪا آهن.