اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) راولپنڊي جي مختلف ونگز جا تنظيمي اجلاس اڄ ٿيندا، سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز اجلاسن ??ي صدارت ڪندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ م??يم اورنگزيب چيو ته سومر ڏينهن راولپنڊي جي تنظيم، عورتن، سوشل ميڊيا جا جدا جدا اجلاس ٿيند??، اجلاس ۾ پارٽي جي راولپنڊي جي تنظيمي ڍانچي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو، پارٽي جي عورتن ۽ سوشل ميڊيا ونگز کي وڌيڪ فعال ڪرڻ تي مشاورت ٿيندي.