اسلام آباد-17 مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي خ??وصي اجلاس ۾ هڪ قرارداد منظور ڪئي وئي آهي جنهن ۾ گذر??ل 50 سالن دوران آئين جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ لاءِ محنت، عزم ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ تي سيني?? جي ملازمن جي خ??متن جو اعتراف ڪيو ويو آهي ۽ ان کي ساراهيو ويو آهي. سيني?? جي 50 هين سالگرهه جي مناسبت سان يادگاري اجلاس ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا سميت ٻين سينيٽرن طرفان هڪ قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان گذر??ل 50 سالن جي دوران آئين جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ ۽ وفاقي ٿنڀن جي نمائنده ايوان ۾ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ تي سينيٽ سيڪريٽري?? جي ملازمن جي خ??متن جو اعتراف ڪري ٿو ۽ انهن کي ساراهي ٿو. قرارداد ۾ اهو پڻ اعتراف ڪيو ويو آهي ته سينيٽ آف پاڪستان جي بني??دن جي مضبوطي ۾ سيڪريٽريٽ ملازمن جو اهم حصو ۽ ڪردار آهي انهن جي محنت، عزم ۽ قابل قدر مدد سان ايوان جي ڪميٽين ۽ ميمبرن کي پنهنجي فرضن جي بهترين انداز ۾ ادائيگي ۾ مدد ملي آهي.