ا??لا?? آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالفطر جي م??قعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي م??ظوري ڏئي ڇڏي. سزائن ۾ گهٽتائي جو اطلاق قتل، جاسوسي، رياست مخالف سرگرمين ۽ دهشتگردي سميت سنگين نوعيت جي ڏوهن ۾ سزايافته قيدين تي نه هوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي م??جب سزائن ۾ گهٽٽائي جو اطلاق زنا، چوري، ڦر، اغوا، مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي به نه هوندو. پڌرائي م??جب سزائن ۾ گهٽتائي جو اطلاق 65 سالن ??ان وڌيڪ عمر جي قيدين ۽ 60 سالن ??ان وڌيڪ عمر جي عورت قيدين تي هوندو جيڪي هڪ ڀاڱي ٽيون حصو قيد ڪاٽي چڪيون هجن. اهڙي طرح 18 سالن ??ان گهٽ عمر جا ماڻهو جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي ٽي سزا ڪاٽي چڪا آهن انهن تي به سزا ۾ گهٽٽائي جو فيصلو لاڳو ٿيندو. صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي م??ظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي.