اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ائين لڳي ٿو ته عمران نيازي جي معيشت ۽ ان جا ڪم ڪندڙ وسيع ماحول بابت سمجهه بوجهه ڪافي محدود آهي، اهي معاشي چئلينجن ۾ پنهنجي ??ردار کي به وساري ڇڏين ??ا، آءِ ايم ايف معاهدي کي ختم ڪرڻ کان وٺي هن سدائين پاڪستان کي ڊيفالٽ ڪرڻ جي خواهش ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اهي ان جي نان اسٽاپ احتجاج، لانگ مارچ ۽ ڌرڻي جي سياست جا منفي اثر ان کانسواءِ آهن جيڪي سياسي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي حوالي سان معيشت تي پيا آهن. وزيراعظم چيو ته ايستائين جو پاڪستاني سيڙپڪار به عمران نيازي پاران ڄاڻي واڻي ٺاهيل اهڙي غيرمستحڪم ماحول ۾ پنهنجو سرمايو لڳائڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته رڳو 9 مئي جي خوفناڪ واقعن معيشت کي اربين رپين جو نقصان پ??چايو ۽ اهو ان جي ??ڌي ارادن جي ناقابل ترديد تائيد آهي. هن چيو ته ان ۾ ڪرپشن جي ??سز جي ??ثرت جو ذڪر نه آهي جن ۾ هو ملوث آهي. وزيراعظم چيو ته معاشي چلينجز درپيش ضرور آهن پر قيامت اسان جي مٿان گذري چڪي آهي، معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۽ وقت سر پاليسي جي ذريعي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مخلصاڻي ڪوششون ڪيون پ??ون وڃن، اسان دوستن ۽ حصيدارن سان گڏجي مالياتي خال کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پ?? ڪم ڪري رهيا آهيون جتي ضرورت هجي. وزيراعظم چيو ته اسان جي لاءِ اصل چئلينج درآمدات تي دارومدار گهٽ ڪرڻ ۽ گڏوگڏ مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ آهي جيڪو ان ئي وقت ممڪن آهي جڏهن اسان برآمدات، سيڙپڪاري ۽ پيداوار کي معيشت جو انجڻ بڻايون، اتان ئي اسان جي ??وشش اڳتي وڌي رهي آهي.