اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيھ جي صدر رجب طيب ??رد??ان ۽ سندس گهر واري وچ ۾ خوشگوار انداز ۾ ڳالهيون ٿي??ن جنهن ۾ پاڪستاني انبن جي به تعريف ڪئي وئي. صدر ??رد??ان جي حلف برداري واري تقريب کان پوءِ روانگي جي موقعي تي ڳ??له??ئيندي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪ صدر ۽ ان جي گهر واري وچ ۾ دلچسپ ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ترڪيھ جي صدر کي ٻڌايو ته هو هاڻي واپس روانو ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان جي عوام ترڪيھ جي عوام کان به وڌيڪ توهان جو چونڊجن تي خوش آهي. وزيراعظم شهباز شريف حلف برداري تقريب ۾ شرڪت جي دعوت تي صدر ??رد??ان جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته اوهان جي دعوت ڏيڻ جي مهرباني جو توهان پنهنجي خوشين ۾ اسان کي شريڪ ڪيو. وزيراعظم صدر ??رد??ان کي ٻڌايو ته اسان توهان سڀني خاندان وارن کي مبارڪون ڏيون ٿا ۽ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيون ٿا. هن چيو ته هو صدر ??رد??ان لاءِ انبن جو تحفو کڻي آيو آهي، جنهن مان اڌ پنهنجي ڀاءُ ۽ اڌ پنهنجي ڀيڻ لاءِ آهن. وزيراعظم جي ڳالهه تي صدر ??رد??ان ۽ ان جي گهر واري ڏاڍو خوش ٿيا مسڪرائيندي ٿورو مڃيو ۽ مسڪرائيندي جو??ب ڏنو ته کين علم آهي ته پاڪستان جا انب تمام گهڻا لذيذ ۽ مٺا ٿي??دا آهن، بيگم ??رد??ان به وزيراعظم جو ٿورو مڃيو. صدر ??رد??ان تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ نيڪ تمنائن جي اظهار تي وزيراعظم شهباز شريف جو خاص ٿورو مڃيو ۽ چيو ته توهان جي مهرباني جو دعوت ۾ شريڪ ٿيا.