انقره -03 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان البيراڪ گر??پ جي بورڊ آف ڊائريڪٽر ??ي چيئرمين احمد البيراڪ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم البيراڪ گر??پ جي پاڪستان ۾ منصوبن جي پذيرائي ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق البيراڪ گروپ پاڪستان ۾ گهٽ لاڳت جي رهائشي منصوبن، سالڊ ويسٽ مينجمينٽ، گند ڪچري مان بجلي ٺاهڻ ۽ ٽريڪٽرن جي صنعت ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي. ملاقات ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ خاص مددگار طارق فاطمي، ترڪيھ ۾ پاڪسان جو سفير ڊاڪٽر يوسف به شريڪ هئا.