اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي نوجوانن کي پنهنجون توانائيو?? مثبت انداز ۾ استعما?? ۾ ??ڻڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ راندين جي فروغ ۽ عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ يوٿ اسپورٽس انيشي ايٽو جي شروعات ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئي?? ۾ ??ن چيو ته پاڪستان جي آبادي جي اڪثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي پر بدقسمتي سان نه رڳو مقامي پر عالمي راندين جي لاءِ سهولتن جي شديد کوٽ آهي، ان ڏس ۾ اسان ملڪ جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر ۽ اسپورٽس انڊوومنٽ فنڊ قائم ڪيو آهي. ان کانسواءِ باصلاحيت ۽ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ راندي??رن جي حوصلا افزائي، عالمي مقابلن جي لاءِ راندين جي تربيت ۽ ٻين قدمن سان سڄي ملڪ ۾ راندين جو فروغ يقيني بڻايو ويندو. تاريخ گواهه آهي ته پاڪستان جي باصلاحيت نوجوانن کي جڏهن به موقعو ڏنو ويو انهن سڄي دنيا ۾ سبز هلالي جهنڊي کي پنهنجي بهتر ڪارڪردگي سان بلند ڪيو. مون کي اهو به ادراڪ آهي ته قدم ناڪافي آهن پر اها هڪ سٺي شروعات آهي، مون کي پوري اميد آهي ته ايندڙ حڪومت انهن قدمن جو تسلسل قائم رکندي.