اسلام ??باد – 30 جولاءِ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف پرامن نموني عاشوره جي ??ذرڻ تي شڪر جو اظهار ڪيو آهي. و??ير??عظم آفيس ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب و??ير??عظم محرم الحرام ??وران امن امان يقيني بن??ئڻ تي وفاقي گهرو وزير ??ان?? ثناءُ الله، سمورن صوبائي گهرو وزيرن، وفاقي ۽ صوبائي اختيارين ۽ سيڪيورٽي فورسز کي شاباسي ڏني ۽ چيو ته وڏن وزيرن، صوبائي توڙي ضلعي انتظاميه ۽ پوليس آءِ جيز کي محرم الحرام ??وران بهترين انتظام ڪرڻ تي مبارڪون پيش ڪيان ٿو. و??ير??عظم چيو ته امن امان کي يقيني بڻائيندي عاشوره جي جلوسن جي لاءِ بهترين انتظام ڪيا ويا، وفاقي ۽ صوبائي کاتن ۽ سيڪيورٽي جي سمورن ادارن بهترين تعاون سان ڪم ڪيو. و??ير??عظم چيو ته پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي شاباسي ڏيان ٿو جن ڏينهن رات سيڪيورٽي جا فرض نڀايا، الحمدلله سيڪيورٽي جي بهترين انتظامن جي ??ري ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو.