اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارا??حق ڪاڪڙ سان توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ توانائي واري وزارت ۽ پيٽروليم ڊويزن جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت بلوچستان ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ معدنيات جي شعبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ جي قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم کي ملڪ ۾ بجلي جي شعبي جي سڌارن ۽ بجلي چو??ن جي خلاف ??پر??شن تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم بجلي چو??ن جي خلاف ??پر??شن تي توانائي واري وزارت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قدمن کي ساراهيو.