اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (??ي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ملڪ ۾ صاف، شفاف ۽ آزاداڻيُون چونڊون منعقد ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ نگران حڪومت جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آه?? ته نگران حڪومت آئين ??ي پيداوار آه??، اسان آئين ۽ قانون تي عملدرآمد جا پابند آه??ون، ميڊيا جو بنيادي مقصد صحيح معلومات عوام تائين پهچائڻ آه??. اها ڳالهه هن پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪئي. ملاقات ۾ شفاف طرز حڪمراني ۽ جمهوري عمل ۾ اوپن ڊائيلاگ ۽ معلومات تائين پهچ کي آسان بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته ذميواراڻي صحافت وقت جي ضرورت آه??، غيرجانبداراڻي ۽ ذميواراڻي صحافت سان ئي معاشرا صحيح رخ وٺي سگهن ٿا. سينيٽ چيئرمين ??مهوريت جي بنيادي قدمن کي برقرار رکڻ جي لاءِ متحرڪ ۽ غيرجانبدار ميڊيا منظرنامي جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ميڊيا شهرين کي صحيح، وقت سر ۽ غيرجانبداراڻي معلومات فراهم ڪري انهن بنيادي قدرن جي محافظ طور ڪم ڪري ٿي.