اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز احمد بگٽي 27 آڪٽوبر کي ڄمون ڪشمير رياست جو ڪارو ڏينهن قرار ڏيندي چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت ??نه??جي فوج ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لاهي غاصباڻو قبضو ڪيو. ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير جي وڏي حصي کي ف??جي ڇانوڻيءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، اڄ 76 سال گذري ويا، ڀارت ان علائقي تي زبردستي قبضو جاري رکيو پيو اچي. گهرو وزير ??نه??جي پيغام ۾ چيو ته گڏيل قومون ۽ عالمي تنظيمون ڀارت جي ظلمن کي روڪي نه سگهيون. نريندر مودي گڏيل قومن جي قراردادن جون ڌڄ??ون اُڏائي ڇڏيون. ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل واديءَ ۾ سياسي نظام کي ويڙهي ڇڏيو. ڪشميري عوام جي آواز کي دٻائڻ لاءِ نوان قانون مڙهي ڇڏيو. هن چيو ??ه ڪشميري عوام جا حقيقي نمائندا سالن کان قيد آهن ۽ جيل جون سخت??ون برداشت ڪري رهيا آهن. ڀارتي ظلمن کي دنيا جي نظرن کان اوجهل رکڻ لاءِ ميڊيا تي پابند??ون مڙه??ون پ??ون وڃن. تحريڪ آزاديءَ جي هن جنگ ۾ هزارين بيگناهه ڪشميري ??نه??جي جانين جون قربان??ون ڏئي چڪا آهن. ڀارت جي ايڏي وڏي فوج به ڪشميرين جي خوداراديت واري جدوجهد کي دٻائڻ ۾ ناڪام آهي، غزه جي تازا ترين صورتحال ثابت ڪيو آهي ته پُراڻا حل طلب تڪرار عالمي امن لاءِ لاڳيتو خطرو آهن، ڪشميرين جو خوداراديت وارو حق عالمي سطح تي تسليم ٿيل آهي. هن چيو ??ه ڪشميري عوام اڄ به ??نه??جي منصفاڻي جدوجهد تي ڄمي بيٺل آهي، پاڪستان جو عوام ڪشميرين سان گڏ آهي ۽ گڏ رهندو. ڀارت طاقت جي ڏڍ تي ڪشميرين جو آزاديءَ وارو جذبو گهٽ نٿو ڪري سگهي. پاڪستان ??نه??جي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.