اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتض??ٰ سولنگي متحرڪ، سگهاري ۽ ذميوار ميڊيا منظرنامي کي فروغ ڏيڻ جي حڪومتي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اڄ اسان کي ميڊيا جي شعبي ۾ ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، ٽيڪنالاجي جي تيز رفتار ترقي ميڊيا ۾ استعمال ٿيندڙ طريقن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ان چئلينجنگ ماحول ۾ اسان جو بنيادي ڌيان پاڪستاني ميڊيا انڊسٽري کي مضبوط بڻائڻ تي هجڻ گهرجي. اها ڳالهه هن اطلاعات واري وفاق?? سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ اڳوڻ?? سيڪريٽري ظهور احمد سان ملاقات دوران چئي. ان م??قع?? تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتض??ٰ سولنگي شاهيره شاهد کي اطلاعات ج?? سيڪريٽري جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سيڪريٽريٽ گروپ ج?? سينيئر آفيسر اڳوڻ?? سيڪريٽري ظهور احمد جي اطلاعات واري وزارت جي لاءِ خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ اطلاعات واري وزارت جي ڪارڪردگي، ميڊيا انڊسٽري کي درپيش چئلينجز ۽ م??قع??، ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جي مثبت اميج کي فروغ ڏيڻ ۾ وزارت جي ڪردار سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ ميڊيا انڊسٽري کي درپيش چئلينجن ۽ م??قع?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ميڊيا انڊسٽري سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. مرتض??ٰ سولنگي چيو ته وفاقي اطلاعات وار?? سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ اڳوڻو سيڪريٽري ظهور احمد قابل آفيسر آهن، انهن سان گڏ ڪم ڪرڻ منهنجي لاءِ فخر جو سبب آهي. هن چيو ته حڪومت متحرڪ، سگهاري ۽ ذميوار ميڊيا منظرنامي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اڄ اسان کي ميڊيا جي شعبي ۾ ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. ٽيڪنالاجي تيز رفتار ترقي ميڊيا ۾ استعمال ٿيندڙ طريقن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ان چئلينجنگ ماحول ۾ اسان جو بنيادي ڌيان پاڪستاني ميڊيا انڊسٽري کي مضبوط بڻائڻ تي هجڻ گهرجي. مرتض??ٰ سولنگي چيو ته اسان کي عالمي سطح تي پاڪستان جي مثبت تشخص، پنهنجي ڀرپور ثقافتي ورثي ۽ سماجي ۽ اقتصادي ڪاميابين کي دنيا آڏو پيش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ميڊيا جي آزادي ۽ صحافين جي حقن جو تحفظ اسان جو پختو عزم آهي. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات جو شعبو پاڪستان جي مستقبل جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.