اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايراني سفارتخاني جو دورو ڪيو. هن پاڪستان ۾ ايراني سفير سان ايراني صدر ابراهيم رئيسي، ايراني ??رڏ??هي وزير حسين امير عبداللهيان جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي ت??زي?? جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مون کي پنهنجي ڀاءُ اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ??اڪ??ر سيد ابراهيم رئيسي ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي ??رڏ??هي وزير حسين امير عبداللهيان جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت جي افسوسناڪ خبر سان وڏ?? صدمو ۽ ڏک ٿيو آهي، اسان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندانن ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي عوام سان دلي ت??زي?? جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان جون سموريون همدرديون ۽ دعائون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ ايراني عوام سان گڏ آهن. هن چيو ته صدر ??اڪ??ر سيد ابراهيم رئيسي هڪ شاندار عالم ۽ بصيرت رکندڙ اڳواڻ هو، پاڪستان اڄ ??اڪ??ر رئيسي جهڙي مخلص ۽ اعليٰ خصوصيتن جي مالڪ ڀائرن جهڙو دوست وڃائي ڇڏيو، ان جي پنهنجي قوم سان گڏوگڏ پاڪستان ايران لاڳاپن ۽ علائقائي تعاون جي مضبوطي جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته گذريل مهيني صدر رئيسي ج?? پاڪستان جي دوري اسان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. پاڪستان ۾ ايراني سفير رضا اميري مقدم وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستاني قوم جو مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ايران سان گڏ بيهڻ تي ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ڳالهائيندي ايراني سفير چيو ته مرحوم صدر ??اڪ??ر رئيسي به وزيراعظم شهباز شريف کي بهترين انسان ۽ ايران جو دوست سمجهندو هو، مرحوم صدر رئيسي جي لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي جذبن ۽ ان جي لفظن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، مرحوم صدر ابراهيم رئيسي ج?? پاڪستان ايران لاڳاپن جي مضبوطي ۽ فروغ جي ويزن کي جاري رکيو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر جي اعزاز ۾ سفارتخاني جي وزيٽر بڪ ۾ ت??زي??ي تاثرات پڻ لکيا.