اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) ملڪ جي شهري ۽ ٻهر??ڙي وارن علائقن ۾ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ وا??ح گهٽتائي نظر آئي. اقتصادي سروي م??جب شهري علائقن ۾ کاڌي پيتي جي شين جي ناڻي واڌ جي شرح گذريل سال جي 37.7 سيڪڙو جي شرح کان گهٽ ٿي 24.2 سيڪڙو ٿي وئي. ٻهر??ڙي جي علائقن ۾ کاڌ خوراڪ جي ناڻي واڌ جي شرح گذريل سال جي 41.1 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 23.7 سيڪڙو جي سطح تي اچي وئي. شهري علائقن ۾ بنيادي ناڻي واڌ جي شرح 16.6 سيڪڙو رهي ۽ ٻهر??ڙي وارن علائقن ۾ 23.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. قيمتن جا حساس اشارا 28.7 سيڪڙو رڪارڊ ڪيا ويا، جيڪي گذريل مالي سال دوران 32.8 سيڪڙو هئا. هول سيل پرائيس انڊيڪس 21.1 سيڪڙو رهيو جيڪو گذريل سال 33.9 سيڪڙو هو. ايف اي او فوڊ پرائيس انڊيڪس ڪاٽو 13.8 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو.