اسلام آباد– 21 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ضلعي ڪرم ۾ ديسي بم حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ??ون ڪارروايون جاري رهنديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ ضلعي ڪرم ۾ بم حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج ??قي??ت پيش ڪيو. صدر شهيدن جي حب الوطني جي جذبي ۽ فرض شناسي کي ساراهيو. صدر دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ سيڪيورٽي ف??رسز جي ڪردار کي ساراهيو ۽ دهشتگردي کي پاڙ کان ??ٽي ختم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. صدر شهيدن جي پونئيرن ??ان تعزيت ڪندي صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي.