اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪست??ن ۽ چين جي وچ ۾ سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون سي پيڪ جي اپ گريڊي??ن سان گڏ هڪ نئ?? مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي عالمي اداري جي وزير ليو جيان چائو ۽ سندس وفد جو استقبال ڪري خوشي ٿي. ٽئين گڏيل مشاورتي مڪينزم جي اڄ ٿيندڙ ٽئين اجلاس جي ڪاميابي تي انهن کي ۽ پاڪستاني سياسي اڳواڻن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته پاڪست??ن ۽ چين جي وچ ۾ هر سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جيڪو هاڻي سي پيڪ جي اپ گريڊي??ن سان گڏ هڪ نئ??ن مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي. هن مضبوط ل??ڳا??ن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي اسان جي گڏيل خواهش ۾ مڪمل حمايت جي لاءِ سي پي سي جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته اسان چيني صدر جي دورانديش قيادت ۽ پنهنجي ٻطرفن ل??ڳا??ن کي نئ??ن بلندين تائين وٺي وڃڻ ۾ ان جي ڪردار کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪ چين دوستي جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ٻنهي ملڪن ۾ مڪمل سياسي اتفاق راءِ آهي.