اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان جي دعوت تي 2 کان 3 جولاءِ تائين دوشنبي تاجڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دوشنبي ۾ صدر امام علي رحمان، مجلس نمائندگان جي چيئرمين محمد طائر زيور ذوڪر زاده ۽ وزيراعظم قاهر رسول زاده سان ملاقات ڪندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو دورو پاڪست??ن ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ باقاعده اعليٰ سطحي مٽاسٽا جو حصو آهي. وزيراعظم م??مد شهباز شريف جي تاجڪستان جي دوري دوران ڌريون گڏيل دلچسپي جي شعبن تي وسيع پئماني تي ڳالهه ٻولهه ڪنديون ته جيئن ٻطرفن لاڳاپن خاص طو?? تي علائقائي رابطن، واپار، عوام سان عوام جي رابطن ۽ توانائي سان گڏوگ?? گهڻ رخي معاملن تي تعاون کي سگهه ڏئي سگهجي. وزيراعظم جي تاجڪستان جي دوري جي موقعي تي ڌريون تعاون جي مختلف شعبن ۾ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون پڻ ڪنديون.