اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان ٻطرفي دلچسپي جي شعبن خاص طور تي توانائي، واپار، رابطا، دفاع ۽ عوام کان عوام تائين رابطن جي شعبن ۾ گڏيل لاڀائتي تعاون کي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اهڙي عزم جو ورجاءُ ايوان صدر ۾ صدر ??صف علي زرداري ۽ آذربائيجان جي صدر ??لهام عليوف جي وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران ڪيو ويو. آذربائيجان جي صدر ??لهام عليوف جو استقبال ڪندي صدر ??صف علي زرداري چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا تمام گهڻا شاندار آهن ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جا تمام گهڻا ۽ وسيع موقعا موجود آهن. صدر ??صف علي زرداري پاڪستان ۽ آذربائيجان جي عوام ۽ واپارين جي وچ ۾ ٻطرفي ل??ڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن گوادر ??ندرگاهه جي اهميت کي اجاگر ڪندي تجويز ڏني ته وچ ايشيائي ملڪ ۽ آذربائيجان علائقائي واپار، رابطن ۽ سياحت کي هٿي وٺرائڻ سان گڏوگڏ خطي ۾ گڏيل معاشي خوشحالي آڻڻ جي ل??ءِ ان بندرگاهه مان لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا.
صدر ??صف علي زرداري پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن جي آجيان ڪندي چيو ته مفاهمت جي يادداشتن سان واپار، سياحت، معدنيات، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، قانون ۽ انصاف جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي نئون حوصلو ملندو. صدر ??صف علي زرداري ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته اوڀر دنيا کي خوشحالي ڏانهن وٺي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان وچ ايشيائي ملڪن سميت آذربائيجان سان پائيدار ۽ لاڀائتا لاڳاپا قائ?? ڪرڻ چاهي ٿو. ان موقعي تي ڳالهائيندي آذربائيجان جي صدر ??لهام عليوف چيو ته آذربائيجان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ماڻهن جي اچ وڃ جي تمام گهڻي گنجائش آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ل??ڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي ل??ءِ ڪاروبار ۽ ڪاروباري ل??ڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ت پاڪستان ۽ آذربائيجان قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ گڏجي ڪ?? ڪرڻ جا امڪان ڳولي سگهن ٿا.
جڏهن ته بعد ۾ پاڪستان جي صدر ??صف علي زرداري آذربائيجان جي صدر ??لهام عليوف ۽ سندس وفد جي مان ۾ مانجهاندو ڏنو جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ج?? ميمبرن، سفارتڪارن شرڪت ڪئي. صدر ??ذربائيجان جي عوام جي ل??ءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ آذربائيجان جي ل??ءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جي خاطري ڪرائي.