اسلام آ??اد – 12 – جولائي (اي پي پي) نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ بابت اسٽي??رن?? ڪميٽي جو 11 هون اجلاس ٿيو. نائب وز??راعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ناڻي واري واري وفاقي وز??ر، پيٽروليم واري وفاقي وز??ر، سيڪريٽري ايوي ايشن، سيڪريٽري قانون، سيڪريٽري بي او آءِ ۽ ڪنٽري ڊائريڪٽر آءِ ايف سي شرڪت ڪئي. سيڪريٽري ايوي ايشن ڪميٽي کي ??ريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آ??اد ايئرپورٽ آئوٽ سورسنگ پراجيڪٽ ۾ يورپ سميت مختلف ايئرپورٽ آپريٽرز دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. انهن مان ڪجهه آپريٽرز مقامي سيرپڪارن سان ڪنسوريشم جوڙي ڇڏيو آهي ۽ قانوني ۽ مالياتي احتياط سان ڪم ڪري رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ انهن جي ٽيمن تازو ئي اسلام آ??اد ايئرپورٽ جو دورو ڪيو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ٻوليءَ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 15 جولاءِ مقرر آهي، جڏهن ته منصوبي جي مشڪلاتن جي ڏس ۾ ممڪن ٻولي ڏيندڙن ٻولي جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ توسيع جي درخواست ڪئي آهي، اهڙي طرح جي توسيع وڌيڪ مسابقت جي اجازت ڏيندي ۽ اهڙي طرح ان منصوبي جي لاءِ بهتر قيمت هوندي. آءِ ايف سي جيڪو ان منصوبي جي ڏيتي ليتي جو مشير آهي، ان تجويز جي حمايت ڪئي، ان موجب اسٽي??رن?? ڪميٽي ٻولي جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ ٻن مهينن جي توسيع جي اجازت ڏني. اسٽي??رن?? ڪميٽي وڌيڪ هدايت ڪئي ته ممڪن ٻولي ڏيندڙن کي هوابازي واري وزارت ۽ آءِ ايف سي پاران مڪمل طور تي تعاون ڪيو ويندو، ان تعاون سان مناسب ڪم جلد مڪمل ڪري سگهبو ۽ ٻولي جي عمل ۾ وڌ کان وڌ شرڪت کي يقيني بڻائي سگهبو. اسٽي??رن?? ڪميٽي وڌيڪ فيصلو ڪيو ته ان عمل جي سخت نگراني ڪئي وڃي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته وڌيڪ توسيع جي ضرورت نه هجي. نائب وز??راعظم اسلام آ??اد ايئرپورٽ جي وڌ کان وڌ روينيو جي صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي هدايت ڪئي. نائب وز??راعظم منصوبي جي اهميت کي ??جاگر ڪندي هدايت ڪئي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته آئوٽ سورسنگ پروجيڪٽ کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ انتهائي شفاف طريقي سان مڪمل ڪيو وڃي.