اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) ڪامن ويلٿ جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ پنهنجي ??هرين سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي وئي. پاڪستان طرفان يورپ لاءِ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري شفقت علي خان هوائي اڏي تي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس مان جاري هڪ بيان مطابق سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ پنهنجي ??نجن ڏينهن واري دوري دوران پاڪستاني قيادت، ڪابينه ميمبرن، نوجوانن جي اڳواڻن، سول سوس??ئٽ?? جي ??مائندن، اسٽيڪ هولڊرز ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪندي. سيڪريٽري جنرل 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ موسمي تبديلين جي ??اڪاري اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان پنهنجي ??ڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي. سندس دوري دوران ٻئي ڌريون پاڪستان ۽ ڪامن ويلٿ وچ ۾ گڏيل مفاد جي ??ين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ??ولهه ڪنديون جن ۾ پاڪستان جا ترقياتي منصوبه، نوجوانن کي با اختيار بنائڻ، واپار ?? سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ شامل آهن.