اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان کي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ سندس عزم ۽ محنت تي ”ڪامن ??يلٿ ايئر يوٿ چيمپيئن“ جو ايوارڊ ڏنو. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي قدمن ??ي نمائش جي افتتاحي تقريب منعقد ٿي. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ چيو ته راڻا مشهود نوجوانن کي موقعا، وسيلا ۽ مدد فراهم ڪرڻ ۽ ??خت??ف قدمن ۽ پروگرامن ??ريعي انهن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ اهم قدم ۽ شاندار ڪم ڪيو آهي. سندس خدمتن جو اعتراف ??ندي هن راڻا مشهود جو ڪامن ??يلٿ جي روايتن مطابق ٽي ڀيرا ٿورو مڃيو. هن چيو ته دولت مشترڪه پاڪستان جي نوجوانن لاءِ وزيراعظم يوٿ پروگرام ٽيم جي همٿ ۽ عزم جو اعتراف ??ري ٿو ڇو جو نوجوان ئي تبديلي آڻڻ جا محرڪ آهن. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل بٽڻ دٻائي وزيراعظم يوٿ پروگرام جي 6 قدمن ??و افتتاح ڪيو جن ۾ ڪامن ??يلٿ ايشيا يوٿ الائنس، ڊيجيٽل لرننگ پورٽل، قومي رضاڪار ڪور لاءِ لوگو، برٽش ڪائونسل ۽ انٽيل ڪارپوريشن جي سهڪار سان اي آءِ ايجوڪيشن پروگرام ۽ ڪامن ??يلٿ يوٿ پارليامينٽري فورم قائم ڪرڻ شامل آهن.