لاهور – 08 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي نامياري گلوڪار نصر?? فتح علي خان جي 27 هين ورسي 16 آگسٽ تي ملهائي ويندي. ان سلسلي ۾ فلمي حلقن ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون جنهن ۾ نصر?? فتح علي خان جي فني خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو. نصر?? فتح علي خان 13 آڪٽوبر 1948 تي فيصل آباد ۾ پيدا ٿيو. سندس والد استاد فتح علي خان ۽ چاچو استاد مبارڪ علي خان پنهنجي دور جا مشهور قوال هئا. نصر?? فتح علي خان قوال طور دم مست قلندر مست مست سان ملڪ گير شهرت حاصل ڪئي. هن قوالي جي صنف ۾ اولهه جو انداز متعارف ڪرايو جنهن کي ??ڄي دنيا ۾ ڀررپور پذيرائي حاصل ٿي. نصر?? فتح علي خان پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مشهور هو، سندس وفات سان گلوڪاري جي ميدان ۾ پيدا ٿيل خال سالن تائين ڀرجي نه سگهندو.