اسلام آباد – 8 آگسٽ (اي پي پي ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ميجر طفيل محمد شهيد (نشان حيدر ) کي 66هين شهادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته بنا ڪنهن ش?? جي شهيدن جي ڏنل قربانين عيوض اڄ اسان هتي کليل هوائن ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بيان مطابق ميجر طفيل محمد شهيد جي 66 هين شهاد?? جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر چيو ته ميجر طفيل 1958ع ۾ لڪشمي پور ۾ دشمنن خلاف بهادري سان وڙهندي حياتي جو نظرانو پ??ش ??يو. سندس بي مثال شجاع?? جي اعتراف ۾ کيس مل?? جي اعلى ترين عسڪري اعزاز نشان حيدر سان نوازيو ويو. سڄي قوم ميجر طفيل محمد جي 66هين شهاد?? جي ڏهاڙي جي موقعي تي کيس سلام پيش ڪري ٿي. قوم کي پنهنجي بهادر سپوتن تي فخر آهي. هن چيو ته پاڪ فوج جي پنهنجي مل?? لاءِ ڏنل قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. شهيدن جون قربانيون اتحاد، اخوت ۽ ڀائيچاري جو سبق ڏين ٿيون. اسپيڪر الله تعالى کان ميجر طفيل محمد شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي.