اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏ??ل عرب امارات جي هم منصب شيخ محمد بن راشد المڪتوم جا آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏيڻ تي ٿورا مڃيا آهن. هن چيو ته امن، ترقي ۽ خوشح??لي جي سفر ۾ سدائين پاڪستان سان گڏ بيهڻ تي آئون گڏ??ل عرب امارات جي قيادت ۽ عزت مآب جا ٿورا ادا ڪريان ٿو. مون کي يقين آهي ته گڏجي ڪم ڪري اسان پنهنجي ماڻهن جي روشن مستقبل جي تعمير ڪري سگهون ٿا. گڏ??ل عرب امارات (يو ا?? اي) جي وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي مبارڪباد واري پيغام جي جواب ۾ وزيراعظم پنهنجي آفيشل ايڪس اڪ??ئو??ٽ تي لکيو ته پاڪستان ۽ گڏ??ل عرب امارات جو ڀائيچارو زندهه آباد. گڏ??ل عرب امارات جي وزيراعظم آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ، ترقي جا نوان موقعا ڳولڻ ۽ خوشح??لي ۽ ڪاميابي جي مستقبل جي تعمير جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي ملڪ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو.