اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته صحت واري عالمي اداري طرفان منڪي پاڪس کي پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي قرار ڏنو ويو آهي، جنهن کان پوءِ پاڪستان ۾ به ان ??يماري جي حوالي سان ??خت نگراني جي ضرورت آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان ??اري پڌرائي موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ منڪي پاڪس جي حوالي سان ??هم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ هن ملڪ جي هوائي اڏن، بندرگاهن ۽ بارڊرز تي منڪي پاڪس جي اسڪريننگ جي نظام کي موثر بڻائڻ، بارڊر هيلٿ سروسز کي صورتحال جي ڀرپور نگراني ۽ سخت سرويلنس، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر کي منڪي پاڪس صورتحال تي گهري نظر رکڻ جي حوالي سان ??وزاني جي بنياد تي جائزو وٺڻ لاءِ منڪي پاڪس جي جاچ جي حوالي سان ??مورن ضروري اوزارن ۽ ڪٽس جي فراهمي يقيني بڻائڻ، منڪي پاڪس جي پکيڙ کي روڪڻ جي حوالي سان ??وبائي حڪومتن، گلگت بلتستان جي حڪومت ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي حڪومت سان ??ابطا بهتر بڻائڻ ۽ منڪي پاڪس جي حوالي سان موثر ۽ جامع آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته هو منڪي پاڪس جي حوالي سان هفتيوار ??ري??نگ وٺندو، ??ري??نگ دوران ??جلاس کي ٻڌايو ويو ته ويجهڙ ۾ ئي ضلع مردان جي هڪ شخص ۾ منڪي پاڪس جي وائرس جي تصديق ٿي آهي. متاثر شخص روزگار جي سلسلي ۾ پرڏيهه رهيل هو ۽ ويجهڙ ۾ ئي پاڪستان ??يو. متاثر شخص کي قرنطينه ۾ رکيو ويو آهي، متاثر شخص جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ هن وقت منڪي پاڪس جي لوڪل ٽرانسميشن ناهي، صحت واري عالمي اداري طرفان 14 آگسٽ 2024ع تي منڪي پاڪس کي پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي قرار ڏنو ويو، جنهن کان پوءِ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان منڪي پاڪس جي حوالي سان نيشنل ايڊوائيزري ۽ ضروري هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون منڪي پاڪس جي حوالي سان ??گاهي مهم جي شروعات ڪري رهيون آهن. ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته منڪي پاڪس جي حوالي سان ??ول ايوي ايشن اٿارٽي پرڏيهه مان ??يندڙ اڏامن جي نگراني ڪندي. صوبائي حڪومتون گلگت بلتستان جي حڪومت ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي حڪومت سميت اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري، انتظاميه وڏن اسپتالن ۾ آئيسوليشن وارڊز ۽ بسترا منڪي پاڪس جي امڪاني مريضن لاءِ مخصوص ڪيا آهن. اجلاس ۾ وزيراعظم جي صحت بابت ڪو آرڊينيٽر ملڪ مختار ڀرٿ، صحت وارو وفاقي سيڪريٽري نديم محبوب، اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي چيف سيڪريٽريز، چيف ڪمشنر اسلام آباد، ڪيپيٽل ٽيريٽري ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.