اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي حڪوم?? صوبائي حڪومتن ۽ نجي ادارن جي تعاون سان سڄي ملڪ ۾ 250 کان وڌيڪ اي روزگار مرڪز قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. آءِ ٽي واري وزارت جي هڪ عملدار موجب انهن مرڪزن جو مقصد ننڍن شهرن ۾ محنتي ۽ هنر??ند نوجوانن کي ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن کين ڊجيٽل موقعن تائين رسائي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي. اي روزگار مرڪز ملڪ جي هر ضلعي ۾ قائم ڪ??ا ويندا. انهن مرڪرزن جي ورهاست هر صوبي جي آبادي سان گڏوگڏ اگنائيٽ سان رجسٽرڊ 12 لک فري ??ان??رز جي انگن اکرن تي ٻڌل آهي. پنجاب 149 مرڪزن سان اڳيان اڳيان آهي. ان کانپوءِ سنڌ 51، خيبرپختونخوا 28، وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ 11، بلوچستان ۾ 6، آزاد ڪشمير ۾ 3، گلگت بلتستان ۾ 2 مرڪز قائم ڪ??ا ويندا. وز??را??ظم محمد شهباز شريف طرفان پنجاب ۾ شروع ڪيل اي روزگار سينٽر انتهائي ڪامياب ثابت ٿيا جنهن مان لکين نوجوان لاڀ پرائي رهيا آهن، اهي مرڪز خاص طور تي انهن ماڻهن لاءِ ڊزائين ڪيا ويا آهن جيڪي مهانگين آفيسن جو خرچ برداشت نٿا ڪري سگهن، جيڪي کين آءِ ٽي مهارتن مان فائدو کڻڻ ۽ ڊجيٽل افرادي قوت ۾ شامل ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪ?? ٿا. اميد آهي ته انهن قدمن سان وڌيڪ نوجوانن کي تيزي سان ترقي ملندي ۽ آءِ ٽي جي شعبي مان فائدو کڻڻ جي قابل بڻجي سگهندا.